SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وارسا معاهدو :


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


وارسا معاهدو :

Warsaw Pact

وارسا پئڪٽ

هن دفاعي معاهدي تي سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي ڪميونسٽ ملڪن 14 مئي 1955ع تي صحيون ڪيون، ان معاهدي جو بنيادي مقصد اولهه جرمنيءَ طرفان نيٽو ۾ شموليت ۽ اولهه يورپ جي دفاعي اداري NATO جي ڪنهن به امڪاني اڳرائيءَ کي منهن ڏيڻ هو. هن ٺاهه تحت ميمبر ملڪن روس، پولينڊ، البانيه، بلغاريه، چيڪوسلواڪيه، رومانيا ۽ هنگريءَ پنهنجون سڀ فوجون هڪ ئي ڪمان تحت رکڻ تي سهمتي ظاهر ڪئي. هن معاهدي جي فوجي حوالي کان وڌيڪ هڪ سياسي اتحاد طور وڏي اهميت هُئي، ڇاڪاڻ جو معاهدي جا ميمبرمُلڪ فوجي لحاظ کان ته اڳ ئي روس جي اثر هيٺ هئا، پر ان کان پوءِ اُهي سياسي طور به سوويت يونين جي ڪنٽرول هيٺ اچي ويا. 1956ع ۾ هنگريءَ هن اتحاد مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر سوويت يونين طاقت جي زور تي اهڙي خواهش کي فوجي ڪارروائيءَ جي ذريعي چٿيندي مخالفن کي پيغام ڏنو ته اُهو سوشلسٽ اتحاد کي ختم ڪرڻ جي هر ڪوشش کي سختيءَ سان دٻائي ختم ڪري ڇڏيندو. 1968ع ۾ ڏنل ”برزنيف جي نظريي“ ان تصور کي وڌيڪ هٿي ڏني. هن اتحاد ۾ سوويت يونين کي فيصلائتي برتري حاصل هُئي، اتحادين جو ڪردار فقط سندس طرفان ڪيل فيصلن کي قبولڻ واري حد تائين محدود هو. جولائي 1991ع ۾ ”سرد جنگ“ جي خاتمي کان پوءِ ان معاهدي کي باقاعده ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو. هيءُ معاهدو جيئن ته پولينڊ جي راڄڌاني وارسا ۾ ٿيو، تنهن ڪري انهيءَ شهر جي حوالي سان مشهور ٿيو


Remember Me Also:

پڙ کڻڻ

بار کڻڻ ، ذمو کڻڻ. ”هجي جو حال ۾ حيران پنهنجي، کڻي ڪيئن پاڻ ڌاران ٻئي سندي پَڙَ“ قاسم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal